SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تباهيءَ جي پڪ-يا يقيني تباهي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


تباهيءَ جي پڪ-يا يقيني تباهي

Assured Destruction

اشوئرڊ ڊسٽرڪشن

هي جنگي حڪمت عمليءَ جو هڪ اصطلاح آهي، جنهن جون ٻه معنائون آهن. ”صلاحيت“ جي حوالي سان اها هڪ اهڙي سگهه آهي، جنهن ذريعي مُخالف مُلڪ کي فيصلائتي نموني نقصان پهچائي کيس گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو وڃي. هوائي فوجن ۽ ائٽمي هٿيارن جي ايجاد کان اڳ اهڙي صلاحيت فقط زميني حملن جي ذريعي ممڪن هُئي، پر هاڻي ڪو مُلڪ پنهنجن سرحدن اندران ائٽمي حملا ڪري مُخالف کي گهر ويٺي نيست نابود ڪري سگهي ٿو. ان کانسواءِ هي اصطلاح هڪ ”پاليسي“ طور به استعمال ٿيندو آهي، جنهن مطابق ڪنهن به جوابي حملي طور دُشمن جي مخصوص شهر کي يقيني تباهيءَ لاءِ نشانو بڻايو وڃي. هيءَ پاليسي سرد جنگ دوران آمريڪا ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿي، جنهن موجب ٻنهي ملڪن امڪاني ائٽمي حملي جي صورت ۾ هڪٻئي جي مخصوص ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي. آمريڪا جو جنگي وزير رابرٽ مڪنامارا هن پاليسيءَ جو موجد هُئو، پر کانئس پوءِ آمريڪا ان پاليسيءَ کي ترڪ ڪري ، سوويت يونين سان پر امن ڳالهين جي عمل کي ترجيح ڏني


Remember Me Also:

ڀير بنائڻ

رنگ بدلائڻ ، نئون روپ ڌارڻ ، ويس مٽائڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal